Wednesday, July 31, 2019

from Kashmore to Kohistan,,,,ڪشمور کان ڪوهستان تائين

شاهنواز انوقت پاڪستان ۽ چين سان لاڳاپيل ڪنهن اهڙي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندو هو جنهن ۾ سندس ڪم اهو هو ته پاڪستاني فن ڪارن کي چين ۾ جڏهن ته چيني فن ڪارن کي پاڪستان جو دئورو ڪرائي... (اڌوري ڄاڻ)، شاهنواز چاچڙ جو دفتر پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي آفيس ۾ واقع هيو جنهن ڪري اتي رکيل آرٽ جا شاندار نمونا اسان به آسانيءَ سان ڏسي سگهيا هياسين. اتي چيني آرٽ جي هڪ الڳ گيلري جڙيل هئي، هڪ حصو ٽرڪ آرٽ تي ٻڌل هو، ڪجهه ذومبي انسانن کي گاهه پٺي مان جوڙي اتي بيهاريو ويو هو جن سان مون به ساڻن گڏجي ڦوٽو ڪڍرايا هيا، صادقين گيلري الڳ هئي جنهن ۾ اسلامي ڪيليگرافي جا سندس شاهڪار پورٽريٽ رکيل هيا. هر صوبي ۽ علائقي جون تصويرون، مهر ڳڙهه، موهن جو دڙو ۽ ٻين آثار قديم جي علائقن جون تصويرون پڻ هيون. اسلام آباد ۾ پاڪستان مونيومينٽ، لوڪ ورثه سان گڏ پاڪستان آرٽس ڪائونسل جنهن ڪونه ڏٺا ته ان اسلام آباد ڪهڙو گهميو. هنن ڦوٽوئن ۾ هڪ ڦوٽو (سيلفي) آرٽس ڪائونسل جي شيشن ڀريل ڪمرن کان ٻاهر ڇت واري لابي ۾ نڪتل آهي جنهن ۾ شاهنواز ڀريل سگريٽ مان سڪون وٺندي اسان کي ان علائقي جي آس پاس عمارتن جو به تعارف ڪرايو هو ۽ اهي ڳالهيون ڪڏهن جو منهنجي ذهن جي اسڪرين تان ميسارجي به ويون هيون ها بس اها ڳالھ ياد آهي ته اسين لنچ ڪرڻ لاءِ (گلگت بلتستان هائوس) ويا هياسين پر ٿورڙو اڳ هليا ويا هياسين. اسلام آباد ۾ سڀ کان مشهور، مقبول هوٽلن جو هڪ سلسلو آهي ۽ اهو آهي ڌاٻا هوٽلون. هر آفيس جي آس پاس رستن روڊن تي اهن ۽ سدا آباد آهن. اڳئين دفعي جڏهن ڪنهن اداري پاران فور اسٽار هوٽل ۾ رهيل هياسين ته چانهه جي ٻاڙ کي مارڻ لئه ملندڙ سرڪاري چانهه کي ڇڏي وڃي ڌاٻا هوٽل جي کير پتي چانهه پي ايندا هياسين. جيستائين گلگت بلتستان هائوس ۾ ماني تيار ٿئي ڪير ٿو اتظار ڪري سو ان ڏينهن به اسان آفيس جي پاڙ ۾ ان چين جي هڪ هوٽل تي هليا ويا هياسين جتي ان جي ڪکائين ڇپر هيٺ، ڪاٺ جي بئنچن تي ويهي پلاسٽڪ جي جڳ مان پلاسٽڪ جي گلاس ۾ پاڻي اوتي پيتو هوسين ۽ هوٽل جي تندور جي باهه جي سيڪ تي پچايل گرم مانيون دال فرائي، مڪس سبزي ۽ ڪڪڙ جي ٻوڙ سان ڊئو ڪري مانجهاندو ڪيو هيوسين. اتي رڳو اسان نه هياسين پر انهن ئي آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ، جينز پاتل ڪيئي بال پين جهڙيون سنهڙيون ڪاڪيون به ساڳي ڪرت کي لڳيون پيون هيون.



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو