Tuesday, July 2, 2019

Hiking on Urak Mountain Quetta (Part 111)




اوڙڪ واري علائقي ۾ مون اتي وڻن جي ڇانو ۾ ويهي ڍنڍ مان وهندڙ برف جهڙي ٿڌڙي پاڻيءَ ۾ پير پسائڻ بدران ٽڪريءَ تي چڙهڻ جي مشق ڪئي. ٽڪريون شادي شهيد جي علائقي سنڌ جون هجن يا ڪوئٽه بلوچستان جي علائقي اوڙڪ جون هجن مون کي موهينديون آهن جيتوڻيڪ ٽڪرين تي چرهندي ساهه چڙهي پوندو آهي ۽ هيٺ لهندي پير ترڪي به پوندا آهن پر شوق ويهڻ جو نه ٿو ڏئي ته ماڻهو مجبور ٿيو پوي.
هي ٽيون حصو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اتساهيندڙ ڇوٿون پارٽ آهي جيڪو اجهو ٿو اپ لوڊ ڪيان، پر يارو اوهان منهنجا هي ويڊيو ڏسي پنهنجي راءِ ته ڏيو، جيڪڏهن نه وڻي ته ان جو ئي اظهار به ڪيو خبر ته پوي منهنجي هڻ هڻا جو ڪو نتيجو به نڪري ٿو يا اجايو ٿو پنهنجا سيل ساڙيان... هل سائين اوهان اڃا تائين منهنجو چينل به سبسڪرائب ناهي ڪيو! يار ان ۾ نه ڪو حرج، نه ڪو خرچ، نه ڪو خطرو نه ڪو خوف ته پوءِ دير ڇاجي

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو