Wednesday, July 31, 2019

kashmore to kohistan



و هو.
پر اهو روائتي سفر به ڪو گهٽ مذيدار نه هيو، ان سفر جا ۾ ڪيئي پربهار لمحا آيا هيا جن جا ڌنڌلا عڪس اڄ به منهنجي دماغ جي پردي تي ظاهر ٿين ٿا ۽ مون کي پنهنجي سحر ۾ گم ڪري ٿا ڇڏين.
هي سيلفي گلگت جي هڪ هوٽل تي نيرن ڪندي ورتي هئم. چئني پاسي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ وڏا وڏا پهاڙ هيا، روشن ڏينهن هيو ۽ اسان هنزه وادي ڏانهن وڃڻ جي رٿا تي ڳالهائي رهيا هياسين. منهنجي خيال مطابق اسان جي ان سفر جا خوبصورت لمحا اسلام آباد وارا هيا جتي بني گاله جي هڪ فليٽ ۾ اسين هڪ غيرروايتي دوست شاهنواز چاچڙ جا مهمان هياسين. فليٽ جتي مذيدار سوم رس جا ٽي مٽ مختلف فليورس جا ڀريا پيا هيا ۽ جتي شام ٿيندي ئي خبر ناهي ڪٿان ڪٿان جا ڪيئي انمول انسان اچي گڏ ٿيندا هيا. جن ۾ ڪيئي صحافي، فلم ميڪر، ڊويلپمينٽ سيڪٽر جا ماهر، تعليم دان ۽ سنڌ کان آيل مهمان گڏ ٿيندا هيا جيڪي ڀريل سگريٽن جا ڪش هڻي عجيب غريب اسٽوريون بيان ڪندا هيا. خبر ناهي اهي سمهندا به هيا الائي نه ڇوته فليٽ جي ڪمرن ۽ ڪاريڊورس تي ۽ سندن هنڌن بسترن تي ته اسان جو قبضو ڄمايل هو. اهي چند ڏينهن ايترا ته وسيع هيا جن تي جيڪر ڪو لکاري پورو ناول لکي پئي سگهيو. بني گاله انوقت اڃا اسلام آباد جو مالڪ ته ڪونه بڻيو هو پر پوءِ به رات ڏينهن وڏين ۽ قيمتي گاڏين جا قافلا مٿي پهاڙي جي چوٽيء تي ويندي فليٽ جي دريءَ کان اسان ڏسندا هياسين. اسان سنڌ جي گرميءَ کان ڀڄي اتي پهتا هياسين پر گرمي بني گاله کان گلگت تائين اسان ساڻ گڏ گڏ هلي آئي هئي ٿوري گهڻي ٿڌڪار ۽ برسات جو مزو بس هنزه ۾ ورتو هيوسين جتي اسان صرف ٻه ٽي ڪلاڪ ئي رهيا هياسين. مون هن سفر جون ڪجهه ساروڻيون لکيون هيون ۽ هاڻي ڪوشش ڪندس ته ان ۾ ڪجهه واڌارا ڪيان.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو